ڊرگهه بالا جو ڪوٽ

ڊرگهه بالا جو ڪوٽ: ڊرگهه بالا ڳوٺ جي اولهه پاسي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ماڻڪاڻي ميرن جو ٺهرايل ڪوٽ اڄ به زبون حالت ۾ موجود آهي. چيو وڃي ٿو ته هي ڪوٽ مير الهيار پنهنجي رهائش لاءِ ٺهرايو هو. مير الهيار جي وفات (1729ع) کان پوءِ به ڪچي مٽيءَ جو جوڙيل هيءُ ڪوٽ ڪافي وقت تائين ٽالپر اميرن ۽ سپهه سالارن جي رهائش لاءِ ڪتب ايندو رهيو. هن ڪوٽ جي اولهه ۾ ڪجهه فاصلي تي کيرٿر جو حسين جابلو سلسلو آهي. ساڳئي وقت نئن گاج به هن جي ڀرسان ورورڪڙ ڪندي گذري ٿي. خاص ڪري سانوڻيءَ ۾ ان جي موج مستي ڏسڻ وٽان آهي. هن ذري گهٽ چوڪور ڪوٽ جي اتر ڏکڻ واري ٻانهين 206 فوٽ ۽ اوڀر اولهه واري ٻانهين 245 فوٽ آهي. هي ڪوٽ اندازاً اڍائي ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. ڪوٽ جي اندرين سطح/ فرش، ٻاهرين زميني سطح جي برابر آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ڪوٽ هڪ هموار ميدان تي بيهاريو ويو هو. هي ڪوٽ مير الهيار جي وفات کان پوءِ به گهڻو عرصو ٽالپرن جي هٿ هيٺ رهيو ۽ آخري وارث مير مريد علي خان هي ڪوٽ ڇڏي وڃي جوهيءَ ۾ رهيو ۽ اُتي ئي مري ويو. هن کي جوهيءَ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. پوين مان مير بند علي ٽالپر، ڪاڇي ۾ الهيار جو ڪوٽ، شادڻ وارو ڪوٽ، حجرو ۽ زمين جو ڪجهه ٽڪرو مولوي سالار کي ساڍن ٽن هزارن ۾ وڪڻي ڏنو، تڏهن کان هي ڪوٽ ظفر الله ڏاهريءَ جي هٿ هيٺ آهي. مير الهيار جي ڪوٽ ۾ پرائمري اسڪول جا ڪلاس هلندا آهن. گورنمينٽ، ڪوٽ جي مالڪ کي هڪ سئو روپيا مهينو مسواڙ ڏيندي آهي. ڪوٽ ڏينهون ڏينهن ڊهندو پيو وڃي. برساتن دوران نئن جو پاڻي هن ڪوٽ جي مٽيءَ کي جهوري ۽ تباهه ڪري رهيو آهي. ڪوٽ جون ديوارون: ڪوٽ کي چوڦير ڪچي اوڏڪي ديوار جو ڪڙو چاڙهيل آهي. هن وقت به ڪوٽ جي ديوار 13.3 فوٽن جي موجود آهي، جيڪا هيٺان اڳ بنيادن وٽان 4 فوٽ ويڪري ۽ مٿي 2 فوٽ ٿلهي آهي، جڏهن ته هاڻي ڪن هنڌن تي ديوار جي چوٽيءَ وٽ ويڪر 6 انچ وڃي بيٺي آهي. ڪوٽ جي سڄي ديوار ۾ ڪٿي به دشمن سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ سوراخ يا مارا نظر نٿا اچن، جنهن مان لڳي ٿو ته هي رهائشي ڪوٽ هو. ڪوٽ جو سارو دفاع ڪوٽ جي برجن حوالي ٿيل ٿو لڳي. ڪوٽ کي جاذب نظر بڻائڻ لاءِ ديوار ۾ ڪٿي به ڪنگريون وغيره نظر نٿيون اچن. ڪوٽ جون ديوارون ڪنهن آرائش کان پاڪ، مٿي چوٽيءَ وٽ دنگ ڪن ٿيون. ڪوٽ جا برج: موجوده وقت ڪوٽ جا چار برج سلامت بيٺا آهن. سڀ برج ڊيگهه، ويڪر ۽ ٿولهه ۾ هڪ جيترا آهن. هر هڪ برج جو قطر 20 فوٽ ۽ چوڌاري ٻاهران گهيرو 54 فوٽ بيهي ٿو. برجن جي ٻاهرين گولائي، حد درجي جي ڪاريگريءَ جو ڪمال آهي. برجن ۾ ڪتب آندل ڪچيون سرون ٻاهران واضح نظر اچن ٿيون. البته برجن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ان ۾ مٽيءَ جو ڀراءُ ڪيو ويو هوندو. سوين سال گذرڻ بعد برجن جي زمين جي سطح کان بلندي 13.3 فوٽ بيٺي آهي. برج واضح طور ٻن حصن ۾ ورهايل نظر اچن ٿا. ان جو هيٺيون حصو وڌيڪ ٿلهو ۽ ٻاهر نڪتل آهي. ان حصي جي زمين کان اوچائي 5 فوٽ ٿيندي. ان هاٿيءَ جي پير وانگر تراکڙي بنيادن مٿان ئي برج جو باقي بوتو بيهاريو ويو آهي. ان ڪري ٻاهران برج ظاهر ظهور ٻن طبقن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو، جيڪو مٿي پنڌ پوري ڪرڻ بعد وڌيڪ سوڙهو ٿي وڃي ٿو. دروازو: ڪوٽ جو مکيه داخلي دروازو اوڀر پاسي کان آهي. ڪاٺ جو هي برجستو دروازو ٻن تاڪن ۾ ورهايل هو. موجوده وقت به ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ مهل ساڄي هٿ وارو تاڪ، مير الهيار ٽالپر واري دور جو آهي، جنهن تي چٽسالي (Caving) ٿيل آهي. البت کاٻو تاڪ بدلايو ويو آهي. دروازو کولڻ ۽ بند ڪرڻ لاءِ انجيسن بجاءِ هيٺ مٿي پٿرن جون اکريون ٺهيل هيون، جنهن ۾ دروازو ڦرندو هو. هن ۾ لڳل ڪڙو به ان وقت جو آهي. ان ڪڙي جي ڊيگهه ٻه فوٽ آهي. ڪوٽ جي دروازي کان اندرئين پاسي ڏيڍي ڏني وئي آهي، جيئن ڪوٽ جي دروازي کي سڌي حملي کان محفوظ رکي سگهجي. اتر پاسي واري ڏيڍي ڏکڻ واري ڏيڍيءَ کان ٻه ٽي فوٽ ڊگهي آهي. اتر پاسي واري ڏيڍيءَ جي ماپ 8x3 فوٽ آهي ۽ ڏکڻ پاسي واري ڏيڍي6x3 فوٽن جي آهي. اتر پاسي واري ڏيڍيءَ سان گڏ ٻن ڪمرن جا نشان آهن. ڪوٽ جي دروازي کي وچ ۾ لوهيون شيخون لڳل آهن، جن جا منهن ٻاهر تي نڪتل آهن ته جيئن دروازي کي وڌيڪ حملي کان محفوظ رکي سگهجي. دروازي مٿان هڪ خوبصورت ونگ ٺهيل هئي، جيڪا هاڻي ٽُٽي پئي آهي. اندران مٿي دروازي تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ به ٺهيل هئي. ڪوٽ اندر ڪي اڏاوتون به آهن، جيئن: ٿلهو: ڪوٽ جي مرڪز ۾ هڪ چوڪور ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن جي زمين کان بلندي 7 فوٽ آهي. ان ٿَلهي تي چڙهڻ لاءِ اوڀر پاسي کان مُک دروازي جي سامهون هڪ ننڍڙي ڏاڪڻ آهي. ڏاڪڻ جي ويڪر 8.6 فوٽ ۽ ڊيگهه 15.8 فوٽ آهي. هر هڪ ڏاڪي جي بلندي 17 فوٽ آهي. ڪوٽ جي مرڪز ۾ ئي ان ٿلهي تي هڪ پڪ سري عمارت جڙيل آهي، جيڪا اڄ به بهتر حالت ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته اها ڪافي بعد ۾ ٺاهي وئي آهي. ڪن جو خيال آهي ته اها عمارت مير الهيار خان جي ويهڻ جي جاءِ هئي. اهو ميرن جو تخت سمجهيو ويندو هو. هو ان هنڌ ويهي راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪندو هو. عام ماڻهن سان ان جاءِ تي ملندو هو. ان ٿلهي جي اتر پاسي هڪ قطار ۾ ٽي ڪمرا آهن. جن جي سامهون 10 فوٽ ويڪرو ورانڊو آهي. انهن ڪمرن ۾ ورانڊي جي سامهون کليل پڌر آهي. ڪمرا: ٿلهي جي اتر اولهه ڪنڊ تي ٺهيل ڪمري جي ڊيگهه 17 فوٽ ۽ ويڪر 13 فوٽ آهي. هي ڪمرو ٻين ڪمرن کان ڪجهه قدر ڪشادو آهي. ان ڪمري جي اوڀر ۾ وچ تي ٻي ڪمري جي ڊيگهه 16 فوٽ ۽ ويڪر 13 فوٽ آهي. اوڀر ڪنڊ تي سڀ کان ننڍڙو ۽ آخري ڪمرو آهي، جنهن جي ڊيگهه 10 فوٽ ۽ ويڪر 13 فوٽ آهي. ان جاءِ تي مٿي ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ پڻ موجود آهي. موجوده وقت ان عمارت جا ڪمرا اسڪول طور ڪتب اچن ٿا. بورچي خانو: ٿلهي کان هيٺ ڪوٽ جي اتر طرف واري ٻانهين سان پنجن ڪوٺين جا نشان ملن ٿا، جن جون ڇتيون ته ڊهي ويون آهن. باقي ڀتيون بچيون آهن، جيڪي ڪوٽ جي اندرين ٻين ڪوٺين کان بهتر حالت ۾ آهن. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اناج، بورچي خاني ۽ ٻين ڪمن لاءِ ٺاهيون ويون هيون. اصطبل: انهن ڪوٺين سان گڏ گهوڙن بيهارڻ جي جاءِ به ٺهيل آهي. اها جاءِ 7 فوٽ ويڪري، 12 فوٽ ڊگهي ۽ 6 فوٽ مٿي ٺاهي وئي آهي. مير الهيار، پنهنجا گهوڙا اُتي ٻَڌندو هو، جڏهن ته هاڻي ان جاءِ جو هڪ پاسو ڊهي پيو آهي. ڪوٽ ۾ موجود بلڊنگ سان گڏ ڏکڻ طرف، هڪ ڪوٺي ٺهيل هئي، جنهن جا باقي نشان بچيا آهن. ان ڪوٺيءَ جو منهن اوڀر طرف هو. عمارت جي سامهون ڏکڻ طرف ٽي ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن جون هاڻي صرف ڀتيون بچيل آهن. ڏکڻ واري ڀت سان گڏ هڪ ڪوٺيءَ جا نشان مليا آهن، جڏهن ته اها ڪوٺي بلڪل ڊهي پئي آهي. هاڻي صرف ڪوٺيءَ جي فرش جا نشان بچيا آهن. هن ڪوٺيءَ ۾ چيروليءَ جو فرش لڳل آهي ۽ وقت گذرڻ باوجود به هينئر ساڳي حالت ۾ آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هتي راڳ ڳائيندڙ عورتون رهنديون هيون، جتي مير الهيار خان انهن کان راڳ ٻڌندو هو. اها ڪوٺي 23.3 فوٽ ڊگهي ۽ 14 فوٽ ويڪري آهي. ڪوٽ جي اولهه ۽ ڏکڻ واري برج سان گڏ ٺهيل آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي پهريدار رهندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو